نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن ??ي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان??ونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچي ويو. وزيرا??ظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن ??ي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان??ونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيرا??ظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شرريڪ ٿيندو. وزيرا??ظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيرا??ظم دي ٽائيمز سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊ سان انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. جڏهن ته وزيرا??ظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خاص نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.