اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دو??ي جي آجيان ڪندي ان موقعي تي ڳالهائيندي ??يو ته قدرتي آفتن دو??ان ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو پاڪستان جي لاءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد چين جي ڊپارٽمينٽ آف فلڊ ڪنٽرول ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي ايمرجنسي ڪمانڊ واري وزارت جي آفيسر زو زيانگ بيانگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، شيري رحمان، خاص معاون ظفرالدين محمود، اي?? ڊي ايم اي جو چيئرمين ۽ اين ايف آر سي سي جي چيئرمين کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو چيني وفد کي تجويز ڏي ٿو ته وطن واپسي کان اڳ پاڪستان حڪومت سا?? ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪري وڃن. هن پنهنجي ۽ سڄي قوم پاران مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد تي چيني قيادت ۽ چين جي عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، اهو پاڪستان ۽ چين جي پراڻن لاڳاپن جو عمده مثال آهي. هن چيو ته سن?? ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون نئين چئلينج کي جنم ڏئي رهيون آهن. هن پاڪستان ۽ چين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيي تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي پنهنجي پاڪستان جي دو??ي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته چيني وفد ٻوڏ بابت ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪو پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي سن?? جو دو??و ڪري آيو آهي. وفد پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ پاڪستان کي ڊگهي، وچولي ۽ گهٽ مدي جي منصوبن تي فني معاونت فراهم ڪندو. چيني وفد لاڳاپيل پاڪستاني ادارن ۽ عملدارن سان تعاون جي لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙي ??ڏيا آهن ۽ 21 آڪٽوبر تي اي?? ڊي ايم اي کي متاثر علائقن ۾ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تفصيلي پلان ۽ رپورٽ پيش ڪندو.