اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، وڌيڪ فرانسيسي ڪمپنين ۽ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ راغب ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻا پوندا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ م??جو??ه تعاون تيز ڪرڻ جي وڏي صلاحيت م??جو?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فرانس ۾ پاڪستان جي نامزد سفير عاصم افتخار احمد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر فرانس سان ٻطرفو واپار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته 1.8 ارب ڊالر جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري امڪانن جي نسبت تمام گهٽ آهي. صدر سمورن ٻطرفي فورمن جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته آءِ ٽي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ موقعا ڳولڻا پوندا. صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون پاران امداد جي اعلان کي ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير گڏيل اقتصادي ڪميشن جو افتتاحي اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي لاءِ فرانس سان گڏجي ڪم ڪري، گڏيل اقتصادي ڪميشن ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، وڌيڪ فرانسيسي ڪمپنين ۽ سيڙپڪاري پاڪستان راغب ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فرانس يورپ ۾ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻئي ملڪ گهڻ رخا لاڳاپا رکندڙ آهن، ٻنهي ملڪن ۾ سياسي، واپاري ۽ اقتصادي، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون م??جو?? آهي. صدر فيشن ڊيزائن، اعليٰ ترين فيشن مصنوعات، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ فرانس جي تجربي مان سکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ م??جو??ه تعاون تيز ڪرڻ جي وڏي صلاحيت م??جو?? آهي.