ڪراچي – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير ??يد مراد علي شاهه ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي ڊائريڪٽر جنرل (سينٽرل ۽ ويسٽ ايشين ڊپارٽمينٽ) مسٽر يوجينيو زوخوف Mr. Eugenue Zhukov سان ملاقات ۾ چيو ته عالمي ب??نڪ ٻوڏ متاثرن جي گه??ن جي تعمير لاءِ گه??بل رقم 1500 ارب رپين مان 110 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ??نهنڪري ايشيائي ب??نڪ وڌيڪ فنڊ جي کوٽ پورو ڪرڻ لاءِ مدد ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سبب سخت برساتن ۽ ٻوڏن دوران متاثرين (ماڻهن) جا 18 لک گه?? تباهه ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ابتدائي ڪاٿي موجب 1.8 ملين گه??ن جي تعمير لاءِ 1500 ارب رپيا گه??بل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عالمي ب??نڪ ٽوٽل گه??بل 1500 ارب رپين مان 110 ارب رپيا (500 ملين ڊالر) ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايشيائي ب??نڪ 1390 ارب رپين جو کوٽ پورو ڪرڻ چاهي ??ه اسان ٿورائتا رهنداسين ته جيئن سمورن بي گه?? ماڻهن کي پناهه/ گه?? فراهم ڪري سگهجن. دوري تي آيل اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن وفاقي حڪومت سان 475 ملين ڊالرن جو واعدو ڪيو آهي ??نهن مان 300 ملين ڊالر تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ صوبائي حڪومت جو حصو شامل ??هي. 475 ملين ڊالرن مان 100 ملين ڊالر NHA کي ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي جي تعمير لاءِ ڏنا ويندا. مراد علي شاهه مسٽر يوجينيو کي ٻڌايو ته مجموعي طور تي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ صوبي کي موسمياتي تبديلين سبب گهڻو نقصان پهتو آهي ??نهن ۾ ملڪ جي اخراج جو حصو 0.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير عالمي برادري ۽ ڊونر ايجنسين تي زور ڀريو ته هو متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي حوالي سان سهڪار ڪن. مسٽر يوجنيو چيو ته ايشيائي ب??نڪ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ منصوبو فراهم ڪندو جنهن تي اي ڊي بي ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي وچ ۾ ڳالهيون غور ويڄار هيٺ اينديون. وڏي وزير اي ڊي بي جي دوري تي آيل ڊي جي کي ٻڌايو ته مختلف ڳوٺن جا مکيه روڊ ۽ سندن شهرن سان ڳنڍيندڙ ننڍن رستن جي صورتحال خراب آهي. وڏي وزير ننڍن رستن جي بحالي لاءِ هڪ منصوبو تجويز ڪيو ته جيئن ماڻهن جي روزاني آمدني ۽ معيشت لاءِ اچ وڃ کي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير ۽ اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل صوبائي روڊن جي بحاليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن لاءِ پي اينڊ ڊي ۽ ورڪس کاتو ب??نڪ سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.