اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون ۾ دهشتگردن جي ڪارروائي ناڪام بڻائڻ ۽ انهن ??ي خلاف ڪامياب آپريش?? تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪامياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پي??يواراڻي صلاحيتن ۽ دهشتگردي ??ي خلاف اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامياب آپريش?? تي سيڪيورٽي فورسز جي قيادت ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي مبارڪباد پي?? ڪريان ٿو. هن چيو ته قوم وڏيون قربانيون ڏئي ملڪ کي دهشتگردي کان آزاد ڪيو آهي، ا??هي جذبي سان دهشتگردي جي باقيات کي ملڪ مان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، قوم ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ دهشتگردي ??ي خلاف قربانين کي سدائين ياد رکندي، پوري قوم دهستگردن ??ي خلاف ڪاررواي?? تي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ڊاڪٽر عارف عل??ي آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پي?? ڪندي انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر آپريشن ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.