اسلام آباد – 19– ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانا??ي جي شعبي ۾ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌارن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گئس صارفين تي اضافي بار نه وجه?? جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موثر حڪمت عملي سان ان مسئلي تي ضابطو آندو ويندو، توانائي بچت پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانا??ي جي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ موجود گردشي قرضن تي ضابطو آڻ?? جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙ?? جي حوالي سان غور ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپي?? عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانا??ي جي شعبي ۾ موجود گردشي قرضن کي گهٽ ڪيو وڃي. ??ن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت بهتر پاليسي جي ذريعي 2013ع کان 2018ع ۾ پنهنجي حڪومت جي دور دوران گردشي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلسل محنت ۽ موثر حڪمت عملي سان اڃا به ان مسئلي تي ٻيهر ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم لاڳاپي?? عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانا??ي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل اهڙي طرح مڪمل ڪيو وڃي ته گردشي قرض ترتيبوار گهٽ ٿي آخرڪار خ??م ٿي وڃي. ??ن چيو ته سوئي گئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي ريڪوري جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪن. هن هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي صارفين تي ڪو اضافو بار نه وڌو وڃي. وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي بلن جي وصولي جي نظام کي به وڌيڪ موثر بڻائ?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپي?? عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانا??ي جي شعبي جي اوڳاڙين ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، ان مقصد جي لاءِ پهچ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ زيان کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ توانائي بچت پلان جو پڻ جائزو ورتو ويو. اهو پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن کي پڻ گهرايو ويو آهي.