اسلام آب??د ?? 13 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪم جي جڳهه تي جنسي هراسمينٽ جي ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪم واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ??ي فيصلي جي خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار جي درخواست رد ڪندي ان جو ڪيس ٻيهر محتسب ڏانهن موڪلي ڇڏيو. صدر پنهنجي فصلي ۾ چيو ته نئين وڪيل کان هڪ ڀيرو ٻيهر شڪايت ڪندڙ جي جرح ڪرائڻ جي درخواست جو ڪو بنياد نه آهي. صدر پاران هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب ??ي فيصلي جي توثيق کانپوءِ ??يس هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب کي حتمي فيصلي جي لاءِ واپس موڪليو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جوابدار پاران داخل اپيل شڪايت ڪندڙ جي تڪليف ۽ اذيت وڌائڻ جي هڪ ڪو??ش آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ئي معاملي تي جوابدار جي متفرق درخواستن جي ڪري ڪافي وقت لڳي چڪو آهي، قانوني چاره جوئي جو هڪ نئون دور شروع ڪرڻ لاڳاپيل ايڪٽ جي روح جي خلاف آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته شڪايت ڪندڙ 27 مئي 2019ع تي محتسب ??ڏو جنسي هراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪيو هو. جوابدار صدر کي محتسب ??ي 23 سيپٽمبر 2021ع جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي. جوابدار محتسب ??ڏو معاملو التوا هيٺ هج?? جي باوجود اپيل داخل ڪئي هئي.