اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري شاعر، ليکڪ، ڊر??ما نگار ۽ ڪالم نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم امجد اسلام امجد جي گهروارن ۽ ان جي مداحن سان تعزيت ۽ همدرد?? جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پنهنجي عهد جو نظم جو سڀ کان وڏو شاعر هو. هن انساني جذبن ک?? پنهنجي تهذيب ۽ روايت موجب زبان ڏئي امر ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ذاتي حوالي سان هو هڪ وڏو انسان هو. علم ۽ ا??ب سان دلچسپي رکندڙ هر پاڪستاني جي گهر جو هُو فرد هو، سندس لاڏاڻ?? جو ڏک پاڪستان جي هر شهر?? جو ذاتي ڏک آهي. هُن شعر ۽ ا??ب جي هر صنف ۾ پنهنجي صلاحيتن ۽ فن ک?? مڃرايو. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻو علم ۽ ا??ب جي شعب?? جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پاڪستان ٽيليويزن ک?? وارث، فشار ۽ سمندر جهڙا ڊر??ما ڏنا، ادب لاءِ سندس خدمتن ک?? مدتن تائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان پاڪستاني ادب هڪ عظيم ليکڪ ۽ ساعر کام محروم ٿي ويو آهي، وزيراعظم دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن ک?? صبر جميل عطا فرمائي.