اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري موريطاني?? ۾ ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 49 هين اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعودي عرب، ترڪيءَ، نائجر، آذربائيجان ۽ ڪشميرين جي حقيقي نمائندي ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير رابطا گروپ کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن وضاحت ڪئي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قد?? ۽ ان جي نتيجي ۾ والاريل ??لائقي ۾ آبادياتي تبديلين جي ڪوششن سان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال بگڙجي وئي آهي. هن چيو ته غيرڪشمير??ن کي لکين جعلي ڊوميسائيل ??اري ڪري ۽ اهڙا قانون ٺاهي جيڪي غيررهواس??ن کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ??طي ۾ زمين خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڏين ٿا، ڀارت ڪشمير??ن کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اهي قد?? عالمي قانون خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي جيڪي قابض طاقت کي اهڙا قد?? کڻڻ کان روڪي ٿو. رابطا گروپ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي موقف جي توثيق ڪئي وئي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قد??ن کي سختي سان رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. پڌرنامي ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته عالمي فورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ آواز اٿارين ۽ ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڀارت کي جوابده قرار ڏين. رابطا گروپ ڀارت کان ان جي غيرقانوني طور تي والاريل ??طي ۾ انساني حقن جي خلاف ورز??ن کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ قد?? ک??ڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.