لاهور – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ بيديان روڊ ت?? قائم اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو. وزيراعظم مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن کان ??نه?? جي مسئلن بابت پڇيو ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان مستحقين ۾ ا??ي جا ٿيلها ورهايا. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام کي مفت اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، ان پروگرام تحت هر خاندان کي 10 ڪلوگرام ا??ي جا 3 ٿيلها مفت ڏن?? پيا وڃن ۽ اتي جي ورڇ جو اهو سلسلو 25 رمضان تائين جاري رهندو. ياد رهي ته عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.