اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي تباهي جي اثرن مان نڪري رهيو آهي، اپريل 2022ع ۾ حڪ??مت سنڀالي ته آءِ ايم ايف پروگرام عمران حڪ??مت جي واعده خلافي جي ڪري معطل هو، اپريل 2022ع ۾ اسان حڪ??مت سنڀالي ته پاڪستان ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪ??مت ويندي ويندي خزاني جي لاءِ ناقابل برداشت فيول سبسڊي ڏني جنهن جي ڪري قوم کي 100 ارب رپيا ماهوار ??سارو برداشت ڪرڻو پيو. گذريل سال اسان جي امپورٽس 80 ارب ۽ روانگي واپار 31 ارب ڊالر هو، اڳوڻي حڪ??مت تاريخ جو سڀ کان وڏو 49 ارب ڊالر واپاري خسارو ڏئي وئي. هن چيو ته اڳوڻي حڪ??مت 17.5 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڏئي وئي. پي ٽي آءِ جي چار ??الن ۾ هر سال رڪارڊ بجيٽ خسارو ٿيندو رهيو. اڄ فيڊرل، ٽريڊ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته شديد معاشي مشڪلاتن جي باوجود اسان ٻوڏ جي صورتحال جو مقابلو ڪيو، متاثرين جي مدد ڪئي. پي ٽي آءِ چار ??الن ۾ تاريخي 20 هزار ??رب جو قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا. اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ اضافو ڪيو. اسان غريب خاندانن کي مفت اٽو ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انهن کي مهانگائي کان ريليف ملي سگهي.