اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته عوام عمران خان جا ڪوڙ، سازش ۽ تم??شا ڄاڻي چڪي آه??، فوج ان جي ناهي هوندي جيڪو ان جي خ??اف غليظ مهم هلائي، عوام ان جي ناهي هوندي جيڪي ملڪ جي خ??اف سازش ڪري. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام يقينن عمران خان جو ڪوڙ، سازش ۽ تم??شا ڄاڻي چڪي آه??، ان جي لاءِ هو ٻاهر نه نڪرندو، عمران خان گرفتار ٿيو ته فارن فنڊنگ، توشه خانه چوري ۽ پنهنجي ڌيءَ کي ظاهر نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٿيندو. هن چيو ته عمران خان جي خ??اف جيترا ڪيسز آه?? انهن سڀ??ي ۾ هُو جوابدار آه??، عمران خان ذهني مريض آه??، ان جو ذهن شيطان جو گهر آه??، جيڪو هر وقت سازش جي لاءِ تيار رهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فوج ان جي ناهي هوندي جيڪو فوج جي شهيدن جي خ??اف غليظ مهم هلائي ٿو، عوام ان جي ناهي هوندي جيڪو ملڪ جي خ??اف سازش ڪري ٿو ۽ عوام کي بکيو ۽ بيروزگار ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن عمران خان تي حملو ٿيو ته پنجاب ۾ ان جي پنهنجي حڪومت ۽ ان جو پنهنجو وڏو وزير هو، جنهن ايف آءِ آر نه ڪٽي. عمران خان قاتلاڻي حملي جا الزام نه هڻي، ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري.