اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته سربراهي اجلاس کان اڳ 10 نومبر ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ??رج??ان چيو ته سربراهي اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي سعودي عرب جي ح??وم?? ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اها غزه ۽ ٻين والاريل علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ رياض ۾ 11 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ڪانفرنس جو فالو اپ هوندو. ملڪي سربراهن ۽ ح??وم??ن ۽ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ عملدارن جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان چيو ته وزيراعظم سربراهي اجلا?? ۾ ??لسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندو، هو غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي فور?? خاتمي، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ خطي ۾ جاري اسرائيلي مهم جوئي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو جيڪو وچ اوڀر جي ملڪن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هُجي، ??ي پڻ زور ڏيندو. ??رج??ان چيو ته سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.