اسلام آب??د-15 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ڀاڻ جي وقت سر دستيابي لاءِ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا قدم کڻي رهيا آهن،ڀاڻ جي گهرج کي نظر ۾ رکندي ڀاڻ جي قيمتن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن آب??دگارن تي مالي بار نه پوي. اهڙو اظهار هن ڪالهه فرٽيلائيزر ريويو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀاڻ جي ڪا به کوٽ نه آهي، ڊ?? اي پي ڀاڻ جي گهرج ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جي امڪاني سببن ۾ زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ آب??دگارن طرفان زمين جي زرخيزي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون شامل ??ي سگهن ٿيون. اجلاس ۾ ربيع جي مند لاءِ ڊ?? اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي اسٽاڪ جي پوزيشن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخيري تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڊ?? اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ٻنهي جي ڪا به کوٽ ناهي، ڊ?? اي پي ڀاڻ جي گهرج وڌي رهي آهي ۽ ان جي کپت ۾ 44 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، راڻا تنوير حسين چيو ته پنجاب حڪومت جي جاري ڪيل آب??دگار ڪارڊ سبب گهرج وڌي وئ?? آهي، آب??دگارن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀاڻ جو اضافي ذخيرو موجود آهي. هن جو چوڻ هو ته آب??دگار ربيع جي مند ۾ ڊ?? اي پي جي مناسب استعمال سان واڌو پيداوار حاصل ڪندا، آب??دگارن جي خوشحالي سان ملڪ ترقي ڪندو. ذخيرو ڪرڻ ۽ قيمتن ۾ ڦيرگهير خلاف صوبا سخت ڪارروائي ڪن.