اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال بلوچستان ۾ 400 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي رستن جي منص??بن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ عملدارن کي هد??يت ڏني ته اهي منصوبا ٽن سالن اندر مڪمل ڪيا وڃن، اهي منصوبا علائقي جي ترقي ۽ رابطي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم آهن. وفاقي وزير منص??بن جي وقت سر پورو ٿيڻ تي زور ڀريو ته جيئن عوام کي جلد کان جلد انهن جا فائدا حاصل ٿين ۽ علائقي جي اقتصادي ترقي ۾ اضافو ٿئي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير احسن اقبال پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) 25 -2024ع جي منص??بن جي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزاررت جي اعليٰ عملدارن سڄي ملڪ ۾ جاري پي ايس ڊي پي منص??بن تي رکيل فنڊن، انهن کي جاري ڪرڻ ۽ هن وقت تائين ڪيل خرچن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي رٿابندي واري وزارت جي عملدارن کي هد??يت ڪئي ته پي ايس ڊي پي تحت جاري سمورن منص??بن جي وقت سر پورو ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وفاقي وزير احسن اقبال بلوچستان ۾ 400 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي رستن جي منص??بن جو جائزو وٺندي عملدارن کي هد??يت ڪئي ته اهي منصوبا ٽن سالن اندر مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته وفاقي حڪومت، بلوچستان جي منص??بن کي ترجيحي ب??يادن تي مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي. بلوچستان جي انهن منص??بن ۾ 224 ارب روپين جي ماليت جي اين 25- ڪي خضدار – ڪچلاڪ روڊ کي ٻن لائين وارو ڪرڻ، ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن روڊ جون ٻه لائينون ۽ بحالي ۽ ڪرارو روڊ ۽ ڪچلاڪ – چمن روڊ جي ٻن لائن جي تعمير جي منصوبن، 96 ارب روپين جي ماليت جي حوشاب – آواران- خضدار سيڪشن ٽو جي تعمير، حوشاب – آواران ڪيوزر سيڪشن ون جي تعمير، گوادر – رتوديرو روڊ جي تعمير ۽ وانگو پهاڙي سرنگهه جي تعمير، جڏهن ته 76 ارب روپين جي ماليت جو يارڪ کان ساگوزوب روڊ ۽ 7 روپين جي ماليت جو آواران کان جهل جهاور روڊ جا منصوبا شامل آهن. وفاقي وزير هد??يت ڪئي ته رٿابندي واري وزارت ٻين وزارتن کان ترقياتي بجيٽ تحت وقت سر خرچن کي يقيني بڻائي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ٽه ماهي لاءِ وزارتن جي مالي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر آگاهي حاصل ڪري جنهن ۾ پرڏيهي امداد سان جاري منص??بن جي تفصيلن کي اهميت ڏني وڃي ته جيئن فنڊن جي فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي. احسن اقبال چيو ته اهڙا منصوبا جن ??ي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي انهن کي ترجيحي ب??يادن تي فنڊ فراهم ڪري مڪمل ڪيو ??ڃي?? هن هد??يت ڪئي ته پرڏيهي امداد سان هلندڙ منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي نون منص??بن کي شامل ڪرڻ جي گنجائش پيدا ٿئي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جو پي ايس ڊي پي فائيو ايز ۽ پنج سالن جي منصوبابندي جي هدفن سان ڳنڍُڻو پوندو. انهن منص??بن کي ترجيحي ڏني وڃي جيڪي ان هدف تي پورو لهندا، وفاقي وزير چيو ته پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا نه رڳو ملڪي ترقي لاءِ اهم آهن پر عوامي فلاح ۽ بهبود لاءِ به ضروري آهن، تنهن ڪري انهن جي وقت سر تڪميل کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي انهن منص??بن مان وقت سر فائدو حاصل ٿئي.