راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد م??زا ڪالهه پاڪ بحريه جي ??پر??شنل بيس اورماڙه جو دؤرو ڪيو، جتي کيس دفاع ۽ موجوده خطرن جي حوالي سان جامع ??پر??شنل بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل ساحر شمشاد م??زا پاڪ بحريه جي ??پر??شنل اثاثن خاص طور تي جهازن ۽ آبدوزن جو معائنو ڪيو ۽ سمنڊ ۾ يونٽس جي ??پر??شنل تيارين ۽ جنگي صلاحيتن جو جائزو ورتو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سامونڊي علائقن ۽ جهازن تي مقرر جوانن سان ملاقات دوران ??پر??شن تياريءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن جوانن جي همٿ افزائي جي تعريف ڪئي ۽ فيلڊ يونٽس کي هدايت ڪئي ته جديد هٿيارن ۽ اوزارن جي بهترين استعمال کي يقيني بنائيندي جذبي ۽ ل??ن سان مادرِ وطن جي دفاع کي يقيني بڻايو وڃي.