اسلام آباد-28 ن??مبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ اي??سچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 813.52 پوائنٽس جي واڌ بعد 100082.77 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. ٻي طرف سيڙپڪارن اسٽاڪ اي??سچينج ۾ تاريخي اوسر کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پاليسين جي تسلسل ۽ معيشت جي بهتري لاءِ قدمن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. گذريل ڏينهن مجموعي طور تي 450 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 289 ڪمپنين جي شيئرز جي قي??تن ۾ واڌ، 117 جي قي??تن ۾ گهٽتائي ۽ 44 ڪمپنين جي شيئرز ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. مجموعي طور تي 1164.79 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 39.77 ا??ب روپيا هئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 160.90 پوائنٽس جي اضافي بعد 31193.28 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات جي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2437.74 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 147220.79 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.78 ا??ب روپين جي ڏي وٺ ٿي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو وڌي 45.7 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اقتصادي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري اسٽاڪ اي??سچينج ۾ تاريخي اوسر کي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت قرار ڏنو آهي.