اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگر??م جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ پاڪستن ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گراناس وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ نوجوانن جي مٽاسٽا جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل تعاون جي قدمن تي روشني وڌي وئي، ان موقعي تي اولمپيئن خواجا جنيد ۽ وزيراعظم يوٿ پروگر??م جو فوڪل پرسن سيده آمنه بتول به موجود هئي. ڪالهه وزيراعظم يوٿ پروگر??م جي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين تعليمي مٽاسٽا، هنرمندي جي پروگران ۽ راندين ۽ نوجوانن جي ترقي جي شعبن ۾ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي ٻنهي ملڪن جي نوجوانن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪيا. وزيراعظم يوٿ پروگر??م جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سڄ?? پاڪستان ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو. ??ن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگر??م جنهن ۾ تعليم، روزگار، انٽرپرينيورشپ جا قدم شامل آهن جيڪي عالمي حصيدارن کان وڏو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، هي نوجوانن کي عالمي بهترين طريقن ۽ پيشيوراڻي نيٽ ورڪس کان روشناس ڪرائڻ جي آڇ ڪن ٿا. سفير الفريڊ گراناس پاڪستان جي نوجوانن جي قدمن لاءِ جرمني جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جرمن?? پاڪستاني نوجوانن کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيتي پروگرامن سان گڏوگڏ راندين ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جو خ??اهشمند آهي ته جيئن انهن جي سوچ کي وسيع ڪري ۽ انهن کي مهارتن سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي.