اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) ڪورونا وا??رس جي صورتحال ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ قائم ڪيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وفاقي وزير س??د فخر امام جي صدارت ۾ ٿيو. اجل??س ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت سمورين پارلياماني پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي سي??ن جي حوالي سان ميمبرن پاران مختلف تجويزون سامهون آيون جڏهن ته اجل??س ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيو ته 11 مئي سومر ڏينهن ٽي وڳي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو، ان اتفاق راءِ کانپوءِ مخالف ڌر پاران خواجه محمد آصف ريڪيوزيشن واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اهو به طئي ٿيو ته اجلاس جو وقت ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ تائين هوندو.