اسلام ??باد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نوجوان اسان جي روشن مستقبل جا معمار آهن، حڪومت وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام ??حت انهن کي موجوده وقت جا سمورا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوش?? ڪري رهي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي نوجوانن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نوجوان اسان جي روشن مستقبل جا معمار آهن. سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام ??حت انهن کي موجوده وقت جا سمورا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن اه?? ڪارائتا شهري بڻجي ملڪ?? ترقي جي راهه قائم ڪري سگهن.