اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني طرفان 8 سال اڳ عورت ۽ سندس ٻار جي بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سب?? فوت ٿيڻ کانپوءِ معاوضي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر وارثن کي اهو معاوضو ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر ميڊ??ا آفيس مان جاري بيان موجب صدر حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني حيسڪو طرفان معاوضي جي ادائيگي ۾ دير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته حيسڪو وفاقي محتسب جي حڪ?? جي پاسداري ڪري ۽ 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي معاوضي جي ادائيگي ڪري، صدر ان معاملي جي اداره جاتي انڪوائري جو حڪ?? ڏيندي ان ۾ دير جي سب??ن تي مشتمل رپورٽ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ کي 30 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي، لطيف آباد، حيدرآباد جي رهواسي محمد عمر صديق جي گهرواري ۽ ٻارڙي 11 ڪي وي هاءِ ٽينشن لائن ٽٽڻ سب?? 8 س??پٽمبر 2012ع تي ڪرنٽ لڳڻ سب?? پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا.