اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص ۾ ??ير هاڃيڪار ثابت ٿي سگ??ي ٿي، ان حوالي سان ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پنهنج?? هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم احتياطي تدبيرون عورتن جي لاءِ هڪ سادو پيغام آهي، اُهو اِهو ته پنهنجي ڇاتيءَ جو پاڻ معائنو ڪن ۽ جيڪڏهن ڪا مشڪوڪ سوڄ آهي ته ان جي وڌيڪ تشخيص ڪرائين.