اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت ??ملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ سا?? تيل ۽ گئس جي ذخيرن مان گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي خزاني تي پيل بار کي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگهن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي به ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. و??اق?? وزير عمر ايوب خان، شبلي فراز، خاص مددگار نديم بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم جي حوالي سا?? تفصيلي ب??يف??گ ڏني.