اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علائقائي واپار جي فروغ ۽ گوادر بندرگاهه سان گلگت ب??تستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندو، جي بي ۾ سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي جي ترقي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي لاءِ قدم جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت ب??تستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، گلگت ب??تستان اسيمبلي جو اسپيڪر سيد امجد علي زيدي ۽گلگت ب??تستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به موجود هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گلگت ب??تستان کي قومي ڌارا ۾ شامل ??رڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. گلگت ب??تستان بي پناهه قدرتي حسن جو مالڪ آهي، سياحت جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته گلگت ب??تستان ۾ تازيون چونڊون شفاف انداز ۾ منعقد ٿيون، گلگت ب??تستان ۾ فور جي سهولت ۽ انٽرنيٽ جي فراهمي لاءِ فنڊز جلد مهيا ڪنداسين. هن چيو ته آن لائن تعليم حاصل ??رڻ ۾ مشڪلاتون ختم ??رڻ لاءِ بنيادي انفرااسٽرڪچر جلد تعمير ڪيو ويندو.