اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان ملاقات ۾ مشهور سياسي شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو ??علان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي مسئلا اڳوڻين حڪومتن ج?? لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو ??اتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو ??ظهار ڪيو، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم منير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو ??بب اڳوڻين حڪومت پاران ڪيل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپشن جو ??اتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم ع??ران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو ??ظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزيراعظم ع??ران خان جي مثالي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.