اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم عمرا?? خان جي ڊيجيٽل ميڊيا فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلا?? خالد ۽ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي جنرل مئنيجر عمران غزالي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تجويز ڪيل ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ پال??سي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، جنهن جي حتمي منظوري وزيراعظم آفيس پاران ڏني ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت 93 ملين انٽرنيٽ صارفين موجود آهن جڏهن ته اهو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. انهي رجحان کي نظر ۾ رکندي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ پال??سي جوڙڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي آهي. في الحال وفاقي حڪومت جي ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ جو ڪو طريقيڪار موجود نه آهي. منطوري کانپوءِ اها پاڪستان جي حڪومت جي تاريخ جي پهرين پال??سي هوندي جنهن تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ذريعي حڪومت ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي تشهير ڪري سگهندي. پاڪستان جي ڊيجيٽل ميڊيا صنعت تيزي سان پکڙجي رهي آهي. ڄاڻايل پال??سي تحت نه رڳو نئين ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ پبلشرز جي حوصلا افزائي ٿيندي پر پاڪستاني معيشت کي پڻ فائدو پهچندو. ڊيجيٽل ميڊيا جي توثيق سان ڪارپوريٽ سيڪٽر پڻ ڊيجيٽل ميڊيا کي بطور اشتهاري مهم استعمال ڪرڻ طرف راغب ٿيندو. ڊاڪٽر ارسلا?? خالد وزيراعظم کي ڊيجيٽل ميڊيا ڊيولپمينٽ پروگرا?? جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان گهڻ رخي پروگرا?? جي نتيجي ۾ پاڪستاني ڊيجيٽل ميڊيا جي ترقي ۽ ترويج ۽ هيٺئين سطح تائين ڊيجيٽل خواندگي جو فروغ ممڪن ٿيندو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پي ايم ڊي پي شاگردن، پاڪستان حڪومت ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪندو ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جو محفوظ مستقبل يقيني بڻائيندو.