اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان قوم سان ڪيل پنهنجي احتساب جي واعدي تان ڪڏهن پوئتي نه هٽيو، وزيراعظم عمران خان قانون جي ح??مراني کي قائم ڪيو آهي، عل?? ظفر جي رپورٽ سان جهانگير ترين جي خلاف تحقيقات تي ڪو فرق نه پوندو، ملاقات جي حوالي سان بئريسٽر عل?? ظفر ۽ بئريسٽر شهزاد اڪبر جي ڳالهه کي اعتبار جوڳي سمجهان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته کنڊ اسڪينڊل جي حوالي سان جوڙيل ڪميشن پنهنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ انهن سفارشن جي بنياد تي ايف آءِ اي مختلف شوگر ملز جي خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ۽ انهن تي ڪارروائي شروع ٿي وئي، جهانگير ترين سياسي طور تي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ان لاءِ ميڊيا تي ان جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ باقي جن جي خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ان جي حوالي سان اڳڀرائي منظر عام تي نٿي اچي، هن چيو ته بئريسٽر عل?? ظفر کي رڳو جهانگير ترين گروپ جي طرفان شڪايتن جي حوالي سان جاچ ڪرڻي هئي، بئريسٽر عل?? ظفر جي رپورٽ جو ايف آءِ اي جي جاچ يا عدالت جي سامهون جهانگير ترين جي ڪيس جي حوالي سان ڪو به تعلق نه آهي، اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هلي رهيون آهن، بئريسٽر عل?? ظفر جو ڪم جهانگير ترين گروپ جي شڪايت جي حوالي سان معاملن کي ڏسڻو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان ب??ا فرق احتساب جي حوالي سان هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي ڪنهن ب?? شخص جو تعلق چاهي ح??ومتي پارٽي سان هجي يا مخالف ڌر سان هجي، جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ڪو سوال اٿي ٿو ته انڪوائري به ٿيندي ۽ لاڳاپيل ادارا جاچ به ڪندا ۽ سڀني کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.