اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??اه محمود قريشي پاڪستان طرفان عوام کي انساني بنيادن تي نهايت ضروري مدد جي فراهمي لاءِ گڏيل قومن جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ انساني حقن جي ا??ترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ افغانستان ۾ سياسي ا??تحڪام ۽ امن گهربل آهي. امن ان وقت تائين مستحڪم ۽ پختو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين افغانستان کي پيش معاشي ۽ مالياتي گنجائش فراهم نه ٿي ٿئي. افغانستان ۾ انساني صورتحال تي ا??ليٰ سطحي وزارتي ا??لاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته مسئلا ڏکيا آهن، افغانستان ويجهو هڪ ڪروڙ 80 لک عوام کي ان صورتحال ۾ انساني بنيادن تي امداد جي ا??د ضرورت آهي. هن چيو ته هن اهم ۽ نازڪ مرحلي تي افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ مالي ۽ سياسي حمايت ٻئي شامل آهن. هن وقت ترقياتي شراڪتداري جي ضرورت آهي. قوم جي تعمير ۾ حمايت گهربل آهي. افغان آبادي جي انساني بنيادن تي گهربل ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو. پائيدار حل جي گهرج آهي ته ترقياتي منصوبا آندا وڃن، روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن کي افغان عوام تائين رسائي کي يقيني بڻائجي. پرڏيهي وزير چيوته افغانستان جي اندر انساني صورتحال تي توجهه ڏيندي ا??ان کي لکين انسان افغانين کي نه وسارڻ گهر??ي جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪيو ويٺا آهن جن جي لاءِ گذريل سالن ۾ عا??مي امداد م گهٽتائي آئي آهي. عا??مي ذميواري جي ا??ول ۽ وزن کڻڻ ۾ حصيدار تحت پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن خاص طور تي ڪورونا جي موجوده شڪل جي صورتحال دوران حمايت ۽ مدد ڪئي وڃي. هن چيو پاڪستان پنهنجي حصي طور افغانستان ۾ انساني بنيادن تي ڪوششن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مدد ڪندو آيو آهي جن ۾ بين الاقوامي ا??ارن جي عملي جي نيڪالي، ۽ ٻئي هنڌ منتقلي کان علاوه فضائي ۽ زميني رستن سان خوراڪ ۽ امداد جي فراهمي لاءِ انساني بنيادن تي راهداري جو قيام شامل آهي. اسان هوائي جهازن ذريعي افغانستان کي کاڌي ۽ دوائن جي انساني بنيادن تي فراهمي جو سلسلو اڳ ئي شروع ڪري چڪا آهيون. هي سلسلو زميني رستن زريعي جاري رهندو. پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک کان وڌيڪ افغان مهاجرين جي ميزباني جاري رکيو پيو اچي. اسان هڪ ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ ر??م افغانستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن لاءِ رکي آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ مدد جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا جنهن ۾ مختلف قسمن جي معاونت سامل آهي ا??ان اچ وڃ ۽ پاڪستان کان رستي جي فراهمي ذريعي گڏيل قومن جي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري پڻ جاري رکنداسين.