اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب جي قيادت کي سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام پارليامينٽ ۽ حڪومت سعودي عرب جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي، قومي ڏينهن ڪنهن به ملڪ جي لاءِ انتهائي اهميت ر??ندڙ هوندو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٻطرفا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرتي ??ڪج??ڙائي پاڪستان ۽ سعودي عرب کي هڪٻئي جي ويج??و رکيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب ترقي ۽ خوشحالي جو گڏيل ويزن رکن ٿا ۽ ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهن. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعاڳو آهيان. اع??يٰ سطح تي وفد جي مٽاسٽا سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، سينيٽ جي چيئرمين سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب جي ڀائرن جي خوشين ۾ شريڪ آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته مذهبي ۽ ثقافتي ??ڪج??ڙائي کانسواءِ امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل بصيرت، ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏئي ٿي.