اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، حقيقتون هي آهن ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ غير ملڪي مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو اضافي سان 8 ار?? ڊالر، روانگي واپار 38 سيڪڙو جي اضافي سان 7 ار?? ڊالرز آهي، 30 سالن کانپوءِ ڪنهن وزيراعظم زراعت تي ڌيان ڏنو آهي جنهن سان پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي ۾ سرپلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ايف بي آر پهرين ٽه ماهي ۾ 38 سيڪڙو اضافي سان 1395 ار?? جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، هن چيو ته ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 28 سيڪڙو اضافي سان 4.437 ار?? ڊالر آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾42.7 سيڪڙو اضافي سان 635 ملين ڊالر جو اض??فو ٿيو آهي جڏهن ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ جولاءِ آگسٽ جي پهرين ٻن مهينن ۾ 7.5 سيڪڙو اض??فو ٿيو، هن چيو ته خريف جي فصلن ۾ شروعاتي اطلاعن موجب ڪمند جي پيداوار ۾ 25 سيڪڙو اضافو، مڪئي 18 سيڪڙو اضافو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو اض??فو متوقع آهي، انشاءُ الله ڪڻڪ جي آئينده پيداوار ۾ به رڪارڊ اض??فو ٿيندو.