اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? معاشي مدد تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خا??مي ۾ مدد جي ??اء?? منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي ??اء?? قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽرائيڪا پلس جي خصوصي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس (چين، روس، آمريڪا ۽ پاڪستان) جي خصوصي نمائندن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس جي اهميت تي زور ڏيندي اسلام آباد ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? اڳڀرائي بابت ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي خصوصي نمائندن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان پوري خطي جي سلامتي ۽ خوشحالي جي ??اء?? افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو مسلسل ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهي ته افغانستان جو ڪو فوجي حل نه آهي، اهڙي طرح پاڪستان سمورين ڌرين جي شموليت تي ٻڌل سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، تبديل ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم شموليت، انساني حقن جي احترام ۽ دهشتگردي جي خا??مي جي پرعزم قدمن تي زور ڏنو. وزيراعظم گڏيل خدشن کي منهن ڏيڻ ۽ ٽرائيڪا پلس ملڪن جي گڏيل مفاد جي فروغ ??اء?? افغانستان ۾ عالمي برادري جي عملي سوچ ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? افغانستان جي معاشي مدد تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خا??مي ۾ مدد جي ??اء?? منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي ??اء?? قدم کڻندي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ٽرائيڪا پلس جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو.