اسلام آباد – 18 ??نو??ي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هوابازي جي شعبي ۾ خدمتن جي ??هت??ين معيار کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ هوابازي جي شعبي بابت معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان هوابازي جي شعبي ۾ خدمتن جي ??هت??ين معيار کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مسافرن کي ??هت?? کان ??هت?? خدمتون پهچائڻ لاءِ ملڪ ۾ هڪ موثر چٽاڀيٽي جو عمل جاري ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم قومي فضائي ??مپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي ڪارڪردگي ??هت?? بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.