اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني بح??ان بابت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس، آئون چاهيان ٿو ته عالمي برادري ان مسئلي تي قدم وڌائي. وزيراعظم پنه??جي ٽوئيٽ ۾ ”افغانين جون حياتيون بچايو?? جو هيش ٽيگ به لڳايو. هن پنه??جي ٽوئيٽ ۾ چيو ته افغانستان ۾ انساني بح??ان بابت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس. آئون چاهيندس ته عوام افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ ان انساني بح??ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالمي قدمن ۾ ساٿ ڏي جنهن انساني بح??ان سان افغانستان ۾ لکين ماڻهو خاص طور تي ٻارن جي زندگين کي بک ۽ غربت جو خطرو آهي. گذريل ڇنڇر ڏينهن به پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام کي فوري انساني ريليف ??راهم ڪري، جنهن کي سخت غذائي کوٽ درپيش آهي. هن چيو ته عالمي برادري جي لاءِ اهو فوري نوعيت جو معاملو آهي ۽ گڏيل قومن جي متفقه طور تي اختيار ڪيل پرنسپل آف ريسپانسبلٽي ٽو پروٽيڪٽ (پي آر 2 پي) تحت غذائي کوٽ جو شڪار لکين افغانين کي فوري انساني ريليف جي فراهمي انهن جي ذميواري آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ ڊيلي گارڊين ۾ ڇپجندڙ هڪ نيوز اسٽوري پڻ ٽيگ ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم گورڊن برائون جو لکيل هڪ آرٽيڪل آهي جنهن ۾ هن برطانوي فارن سيڪريٽري لزٽورس کي چيو آهي ته هو افغانستان جي لاءِ ساڍا 4 ارب ڊالر جمع ڪرڻ جي لاءِ ڊونر ڪانفرنس گهرائي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خوراڪ جو فوري انتظام نه ڪيو ويو ته 2 ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته برطانيا کي ان ڪم ۾ ليڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين جي امداد ڪ??ي سگهجي. گڏيل قومن پاران سال 2022ع جي لاءِ پنه??جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ساڍا چار ارب ڊالر جي اپيل ڪئي وئي آهي.