اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ??رق??اتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانس??ان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پوند??ون?? سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي ??رق??اتي بئنڪ جي صدر چيو ته فنڊ جي قيام جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ آهي، هن چيو ته اسان کي افغانس??ان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي ??ي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چيو ته اسلامي ملڪن جي تنظيم افغان عوام ??ي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته افغانس??ان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته اسان افغان عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون?? اسان جو مقصد افغان عوام ??ي مدد ڪرڻ آهي، هن اسلامي ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ته هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.