اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪردار ??ي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چي?? ته بطور ميمبر پاڪستان اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي تي زور ڏن?? ته مسلمان امت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ??دع??ل جو مظاهرو ڪري. هن چي?? ته او آءِ سي اٽڪل 2 ارب مسلمانن جو گڏيل آواز آهي. اها مسلمان ملڪن ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ هڪ پل آهي. مسلمان امت جي ان??ر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مرڪزي ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چي?? ته او آءِ سي اجلاس جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جو بنيادي هدف مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون ??ي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هوندو. فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شاهه محمود قريشي چي?? ته فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمُون ۽ ڪشمير جا مسلمان هينئر به غلامي جو شڪار آهن. هن چي?? ته اسان کي قراردادن کي اختيار ڪرڻ کان اڳتي وڌي انهن تڪرارن جي مستقل حل جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.