اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) دادو ض??عي جي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه جي متاثرين ۾ امدادي چيڪس ور??ايا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري پڌرائي موجب 18 اپريل 2022ع سومر جي رات دادو ض??عي جي ڳوٺ ۾ تيز هوائن جي ڪري پ??ش آيل افسوسناڪ باهه جي واقعي ۾ 8 ماڻهو فوت، 3 زخمي جڏهن ته 75 خاندان متاثر ٿيا هئا. باهه جي متاثرين جي امداد لاءِ وزيراعظم پاران فوت ٿيندڙن جي پ??نيئرن سان گڏوگڏ زخمين ۽ ٻين متاثر خاندانن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ڄاڻايل چيڪس اين ڊي ايم اي پ?? ڊي ايم اي سنڌ ۽ ض??عي انتظاميا دادو جي معاونت سان متاثر خاندانن ۾ ور??ايا آهن.