اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر سيده نوشين زهره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نوشين زهره وزيراعظم کي عهدو سنڀاليندي ئي عوامي ڀلائي وارن منصوبن ک?? ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ رمضان ۾ اٽي ۽ ٻين ضروري شين تي سبسڊي ڏئي سستو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، م??اقات ۾ لاڳاپيل تڪ جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.