لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قابل آفيسر بنا شڪ جي ملڪ جو قيمتي اثاثو هوندا آهن ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سياسي حڪومت جي رهنمائي ڪندا آهن، جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن ??هي ميٽرو هجي يا اورنج لائين آفيسرن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن ??ات محنت جو نتيجو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس سول ۽ انتظاميا جي آفيسرن س??ن ملاقات دوران ڪيو جن وزيراعظم س??ن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شريڪ آفيسرن وزيراعظم کي گورننس، انتظامي معاملن ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو. ??ن موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دل جي گهراين سان توهان کي عيد جي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي خوشقسمتي آهي جو هتي توهان جهڙا قابل آفيسر موجود آهن، بنا ڪنهن ??ڪ جي توه??ن ملڪ جو قيمتي اثاثو آهيو، قابل آفيسر سياسي حڪومت جي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رهنمائي ۽ معاونت ڪندا آهن. هن چيو ته جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن ??هي ميٽرو هجي يا اورنج لائين آفيسرن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن ??ات محنت جو نتيجو آهي، ڪپتان پنهنجي ٽيم کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته احتساب ۽ شفافيت جي آڙ ۾ آفيسرن کي بنا ڪنهن ??بب جي هراسان ڪري انهن ??ي ڪارڪردگي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته قومي خدمت اسان جو نصب العين آهي، ان ڳالهه ۾ ڪنهن ??ه قسم جي ڪوتاهي يا غفلت قبول نه آهي، الله مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جي خدمت جو موقعو ڏنو آهي، منهنجو اهو عزم آهي ته قابل آفيسرن سان گڏجي اهو سفر شروع ڪريان. هن چيو ته احتساب ۽ شفافيت آڻڻ جي لاءِ قانونن جي حوالي سان سمورين ڌرين س??ن مشاورت ڪئي ويندي، سول سرونٽس حڪومتي ٽيم جو حصو هوندا آهن ??نهن ??ي خدشن جو تدارڪ پڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پنجا??، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، اڳوڻن چيف سيڪريٽرين ۽ مختلف کاتن جي سربراهن مستقبل جي منصوبن، موثر بيورڪريسي جي ڪردار ۽ عوام کي مختلف شعبن ۾ ريليف جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون.