اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب گه??و وزارت پاران وزيراعظم کي اڳوڻي وزيراع??م جي سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف گه??و وزير راڻا ثناءُ الله کي اڳوڻي وزيراعظم کي هر حوالي سان بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اڳوڻي وزيراعظم کي فوري طور تي چيف سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪرڻ جي به ??دايت ڪئي، وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي به ??ي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي جلسن دوران سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.