مري – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته مري ايڪسپ??يس وي جي مرمت جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، هر 15 ڪلوميٽر تي بهترين معيار جا ريسٽ ايرياز ٺاهيا وڃن، غيرقانوني اڏاوتن کي روڪيو وڃي، نيو مري ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ کي عالمي معيار موجب اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيشنل بڊنگ ڪرائي وڃي، تعميراتي منصوبن سان مري جي قدرتي حسن ۽ لينڊ اسڪيپ کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. مري جي دوري جي مو??عي تي وزيراعظم کي اين ايڇ اي عملدارن بريفنگ ڏني. وزيراعظم مري ايڪسپ??يس ويس جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪم ڏنو ت?? هزار?? موٽروي جي معياري ڪم کي نظر ۾ رکندي مري ايڪسپ??يس وي جي مرمت ڪئي وڃي، اڳ م ئي تمام گهڻو پئسو ضايع ٿي چڪو آ??ي، هاڻي هڪ پئسو به ضايع ٿيڻ نه گهرجي ۽ هزار?? موٽروي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سان مشاورت ۽ رهنمائي حاصل ڪري معياري ڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم ايڪسپ??يس وي تي جڳهه جڳهه غيرقانوني تعميرات روڪڻ 7 هر 15 ڪلوميٽر کانپوءِ مناسب جڳهه تي معياري ريسٽ ايرياز ۽ اسپاٽس بڻائن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ت?? سياحن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم مري جي لاءِ پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو منصوبو مڪمل ڪرڻ ۽ تعليمي سهولتون بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ت?? نيو مري جي تعمير ان انداز ۾ ڪئي وڃي ته علائقي جو قدرتي حسن متاثر نه ٿئي، ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ جي سهولت عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ عالمي بڊنگ ڪرائي وڃي. ان مو??عي تي مواصلات وارو وزير مولانا اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پڻ موجود هئا.