اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف س??ور?? لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي اهي ته اهي ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائڻ جي لاءِ موثر نظ??م جوڙين، ريلوي واري ??زارت افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلو جلد کان جلد پاور پلانٽس تائين پهچائڻ جي لاءِ ضروري ??دم کڻي جڏهن ته وزيراعظم درآمدي عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري ??فاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي چرپر جو نظ??م بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري ??فاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري ??فاقي وزير خواجه محمد آصف، توانائي واري ??فاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، ناڻي واري ??فاقي وزير مفتاح اسماعيل، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي واري ??فاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري ??فاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، ناڻي واري ??ملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي منڊي ۾ ڪوئلي جي وڌندڙ قيمت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس مان مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ جو بنيادي سبب قرار ڏنو. وزيراعظم ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ افغانستان مان اعليٰ ڪوالٽي جو ڪوئلو ڊالرز بدران رپين ۾ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان سان ??ه رڳو سستي بجلي پيدا ڪرڻ پر ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي طور تي رڳو ساهيوال ۽ حب پاور پلانٽس جي لاءِ گهربل ڪوئلي جي افغانستان مان درآمد تي امپورٽ بل ۾ ساليانو 2.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ بچت ٿيندي. وزيراعظم س??ور?? لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان مقصد جي لاءِ موثر نظ??م جوڙين ته جيئن ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائي سگهجي. وزيراعظم ريلوي واري ??زارت کي به هدايت ڪئي ته اها افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي پاور پلانٽس تائين جلد کان جلد پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري ??دم کڻي. وزيراعظم درآمدي عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري ??فاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ س??ور?? لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.