اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي تي سنڌ ??وبي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ سٽيل ??لا??قن جو فضائي دورو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب چيو آهي ته سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيندڙ انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ ??و چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجينيئر سکر بيراج تي وزيراعظم کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندو.