اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چي?? آهي ته پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. آئيس لينڊ ۾ گلوبل فورم ويمن ليڊرشپ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان کي برساتن سبب وڏي پئماني تي ٻوڏ جي ??ري نقصان ٿيو جيڪو پاڪستان ۾ ان کان پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک (33 ملين) ماڻهو بي گهر ٿيا، جيڪو ڪيترن ئي ملڪن جي ڪل آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چي?? ته متاثر ماڻهن ۾ تقريبن 6 لک 50 هزار ڳورهارين عورتن کي ويم بابت سهولتن جي ضرورت آهي. شازيه مري چي?? ته کيس پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب سماجي تحفظ واري پروگرام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آء?? ايس پي) جو سربراهه هجڻ تي فخر آهي، پاڪستان جا تقريبن 80 لک خاندان بي آء?? ايس پي سان جڙيل آهن. اسان انهن خاندانن کي ڪيش رليف فراهم ??ري رهيا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آء?? ايس پي) ذريعي عوام کي غذائيت ۽ تعليم جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ??ري رهيا آهيون.