اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ??ان نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽ??ف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ نئين چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقات ڪئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ساحر شمشاد مرزا کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽ??ف ڪميٽي مقرري تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽ??ف ڪميٽي جي مقرري 27 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر سيد عاصم منير کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ ان جي چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري 29 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر کين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽ??ف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف طور سندن ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.