لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته سياست ۾ ڪا شيءَ حرف آخر ناهي هوندي، ملڪ جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻ جي ضرور?? آهي، پاڪ وطن اسان سڀني کان اتحاد، ٻڌي ۽ سياسي رواداري جي گهرج ڪري رهيو ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي ۽ ايم اين اي حسين الاهي سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي صدر کي پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير صدر کي عوام جي ريليف جي ل??ءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ملڪي معيشت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ??ه اسان کي پاڪستاني بڻجي رڳو پاڪستان جو ئي سوچڻو آهي، سياست ۾ ڪا شيءَ حرف آخر ناهي هوندي، ملڪ جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻ جي ضرور?? آهي. هن چيو ??ه پاڪ وطن اسان سڀني کان اتحاد، ٻڌي ۽ سياسي رواداري جي گهرج ڪري رهيو ??هي، معاملن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه الله تعاليٰ مان پوري اميد آهي ته پاڪستان جي ل??ءِ بهتر رستو نڪري ايندو.