اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي هدايت ڪئي آهي ته هو اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ اميدوار جي مقرري جي معاملي تي نظرثاني ڪري جنهن کي لکت واري امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جي باوجود ان بنياد تي نوڪري کان محروم ڪيو ويو آهي ته ڪوويڊ 19 جي ڪري ??اڳاپيل يونيورسٽي مان ان جي ڊگري دير سان جاري ??ي. هن چيو ته ايف بي آر اميدوار جي ڊگري تي يونيورسٽي جي واضح بيان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو هو ته هو جون/ جولاءِ 2021ع کان ڪنهن به يونيورسٽي يا نوڪري ۾ داخلا جي لاءِ اهل آهي ڇو ته ان جي ڊگري ڪوويڊ 19 جي ڪري جون 2022ع جي آخر ۾ جاري ڪئي وئي جيڪو انساني ڪنٽرول کان ٻاهر هو ۽ ان ۾ شاگرد ??ي غلطي نه آهي. صدر اهو فيصلو هڪ اهڙي معاملي ۾ ڏنو جتي حمزه وزير (شڪايت ڪن??ڙ) آڪٽوبر 2021ع ۾ ايف بي آر ۾ اسسٽنٽ (بي ايس – 15) جي عهدي جي لاءِ درخواست ڏني هئي، لکت واري امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ کيس انٽرويو جي لاءِ به طلب ڪيو ويو هو. ايف بي آر اها دعويٰ ڪن??ي ان کي نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته کيس ڊگري 19-09-2021ع تي شايع ٿيندڙ اشتهار جي تاريخ جي 8 مهينن کان وڌيڪ جي وقفي کانپوءِ 02-06-2022ع تي جاري ڪئي وئي تنهن ڪري اميدوار پوسٽ جي لاڳاپيل معيار تي پورو نه ٿو لهي. شڪايت ڪن??ڙ ان معاملي تي وفاقي محتسب سان رج??ع ڪيو جنهن حڪم ڏنو ته ڪنهن مشتهر عهدي تي چونڊ ۽ مقرري ايجنسي جو اختيار آهي ۽ ان تي ٻيهر غور ڪرڻ جي لاءِ ڪيس ايف بي آر چيئرمين کي موڪليو ويو. ان کانپوءِ شڪايت ڪن??ڙ وفاقي محتسب وٽ نظرثاني ڪئي، درخواست داخل ڪئي جنهن کي ان بنياد تي رد ڪيو ويو ته مقرر تاريخ تي شڪايت ڪن??ڙ وٽ بيچلر ڊگري ??ولڊر هجڻ جو ڪو ثبوت نه هو، ان جي لاءِ هو ڄاڻايل عهدي جي لاءِ اهل نه هو ۽ اهو ته ايف بي آر پاران ڪا بدنظمي نه ڪئي وئي. ان کانپوءِ حمزه صدر کي هڪ درخواست داخل ڪئي. صدر ان جي نمائندگي کي منظور ڪن??ي چيو ته ايف بي آر شڪايت ڪن??ڙ جي معاملي تي معروضي طور تي غور نه ڪيو ۽ ان کي معاملي جي وضاحت جو موقعو فراهم نه ڪيو ۽ ان کي ان جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڪري ??ڏي پئماني تي خصوصي رعايتون ۽ سهولتون ڏنيون ويون هيون. هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه هر عهدي جي لاءِ سخت مقابلو آهي ۽ اميدوارن جو وڏو انگ سامهون اچي رهيو آهي ۽ انتظامي عملدارن پاران منصفاڻو ڪم ڪرڻ جي ذميواري ??ضع ڪئي وئي آهي ته جيئن قانون موجب عمل کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر قرار ڏنو ته ان کان اڳ 24-05-2021ع تي شڪايت ڪن??ڙ وفاقي محتسب آڏو ان درخواست سان گڏ هڪ شڪايت داخل ڪئي هئي ته هن 2019ع ۾ قائداعظم يونيورسٽي سان الحاق ٿيل اسلام آباد پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج م ايسوسيئيٽ ڊگري ??روگرام ۾ داخلا ورتي ۽ هن ٻه سال گذري ??ڃڻ جي باوجود پهرين ۽ ٻئي سيمسٽر جي نتيجن جو اعلان نه ڪيو جنهن سان ان جي ڊگري جي تڪميل ۾ دير ٿيندي ۽ ان جو ڪيريئر به متاثر ٿيندو. صدر سيڪريٽريٽ آڏو يونيورسٽي جي نمائندي جي ان خاطري تي ڪيس اڪلايو ويو هو ته شاگرد ??ي بيچلر ڊگري تي جون/ جولاءِ 2021ع کان غور ڪري سگهجي ٿو. صدر اميدوار جي حق ۾ اڳ ۾ فيصلو ڪري چڪو آهي ۽ ايف بي آر عمل نه ڪري بدانتظامي ڪئي. صدر محتسب جا حڪم رد ڪن??ي اڳوڻي فاٽا جي ڪوٽا تي اسسٽنٽ جي عهدي جي لاءِ شڪايت ڪن??ڙ جي مقرري تي نظرثاني جي هدايت ڪئي.