اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ن??از شريف صحت جي نگهداشت جي شعبي کي حڪومت جي اولين ترجيحن جو حصو ق??ار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ انتهائي غريب مريضن جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هو ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ م??ڊي??ل سائنسز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. شاهه بحرين جي ڀاءُ ۽ بحرين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ ليفٽيننٽ جنرل شيخ حمد بن عيسيٰ بن سلمان پڻ تقريب ۾ موجود هئا. ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ م??ڊي??ل سائنسز بحرين پاران اهو تحفو آهي ۽ ان جو الحاق رائل ڪاليج آف ??رجنز آ??رل??نڊ سان هوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ تربيت يافته نرسنگ اينڊ ٽريننگ اسٽاف جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي بحرين جو اهو منصوبو صحت جي نگهداشت جي شعبي جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.