اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حڪومت جي موثر حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن ۽ فوتگين جي ??رح ۾ گهٽتائي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ تي اطمينان جو ??ظهار ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام تي بچاءُ جي ??يس او پ??ز ۽ گائيڊ لائينز تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائين، وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو ??ورو ڪندو ۽ سينيٽ جو ??ه خصوصي اجلاس گهرايو ويندو، وفاقي ڪابينا گذريل مهيني پيٽرول جي کوٽ تي جاچ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ، اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ نه آهي، ذخيرو ڪندڙن جي ??لاف ڪارروائي جي لاءِ ضلعي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون ويون آهن، يورو فائيو پيٽرول جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي، ڪراچي ۾ برساتن کانپوءِ سيوريج جو نظام مڪمل طور تي فيل ٿي چڪو آهي، ڪراچي جي ??ورتحال ڏسي اهو لڳي ٿو ته اتي ڪنهن جي ??ه حڪومت نه آهي، وزيراعظم عمران خان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن ۽ رهتن جي فراهمي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو ??ظهار ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي ??دارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ??رقي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو، وفاقي حڪومت ڪراچي جي ??وام کي سنڌ حڪومت جي ??حم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، ڪراچي ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي ??يم اين ا??ز ۽ ايم پي اي?? کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڪراچي جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهن ۽ نيڪاسي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وفاق انهن کان تجويزون گهريون آهن.