اسلام آ??اد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 1973ع جي آئين جا 50 س??ل مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 س??ل ماضي جي 50 س??لن جي غلطين جو ازالو ٿيندو، قوم جي ڏکن جو مداوو ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي عوام جي حقن ۽ رياستي ادارن جي فرضن جو ڪتاب آهي، هي اتحاد ۽ اتفاق جي ضا??ن، عدل ۽ انصاف، برابري ۽ آزادي جي ضمانت آهي، هي واعدو آهي الله تعاليٰ سان ته حاڪميت رڳو ان جي آهي، هي اختيار عوام چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪندو. آئين ??ان انحراف تي ملڪ ۽ قوم صدما برداشٽ ڪيا، ناچاقي ۽ نااتفاقي، محرومين، دهشتگردي، معاشي تباهي، مهانگائي جا عذاب برداشت ڪيا. هن چيو ته آئين ??ان انحراف سان ادارا برباد ٿيا، عدل ۽ انصاف جي ج??هه ظلم ورتي، اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 س??ل ماضي جي 50 س??لن جي غلطين جو ازالو هوندا، قوم جي ڏکن جو مداوو هوندا.