لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته امن رڳو پاڪستان نه پر پوري دنيا جي ضر??رت آهي، دنيا هن وقت جنگ نه پر امن چاهي ٿي، پاڪ ڀارت سميت ٽئين دنيا جا ملڪ هڪ جهڙن مسئلن ۾ ورتل آهن جن کي گڏجي پرامن طريقي سان ??ل ڪرڻو پوندو، پرامن ماحول هوندو ته خطي ۾ امن ۽ خوشحالي ايندي، اڄ اسان ??و پروگرام امن ط??ف هڪ وڏو قدم آهي جنهن ۾ سڄي دنيا جي ملڪن مان ??يل شاگردن کي متحرڪ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن مسئلن جو پرامن طريقي سان ??ل ڪڍي سگهجي. هو الحمرا هال ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ويڪ ان پاڪستان ??ي اهتمام هيٺ يوٿ موبلائيزيشن ان پيس بلڊنگ جي عنوان ??ان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.